سنڌ ڪڇ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا

سنڌ ڪڇ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا

سنڌ ڪڇ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا

سنڌ ڪڇ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا (ڪتاب): هي ڪتاب هند سنڌ جي نامياري اديب ۽ محقق جينت ريلواڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي اڳوڻن علائقن ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ رهندڙ سنڌي جاتين جو ذڪر ۽ انهن جي ٻولي ۽ ثقافتي هڪجهڙائيءَ جو بيان آهي. جينت ريلواڻيءَ، ڪڇ، سوراشٽر، ڪاٺياواڙ، گجرات ۾ رهندڙ هندو لوهاڻن، برهمڻن، برهم کترين ۽ ڀاٽين سان گڏ سومرن، سمن، سوڍڻن ۽ ميمڻن جو تذڪرو آندو آهي. هن ڪتاب ۾ بوهرا ۽ خوجا ڪميونٽيءَ جو ذڪر به شامل آهي. سنڌو ڀارتي پبليڪيشن، راجڪوٽ پاران 2008ع ۾ ڇپايل هن ڪتاب ۾ 572 صفحا شامل آهن ۽ ڪتاب جي قيمت 600 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو